ڄيٺو منگلداس جرگياڻي

ڄيٺو منگلداس جرگياڻي: ڄيٺو منگلداس جرگياڻي، 21 سيپٽمبر 1928ع تي ٺٽي ضلعي جي جاتي شهر ۾ ڄائو، ان وقت ٺٽو ڪراچي ضلعي ۾ شامل هو. هن پرائمري تعليم لوڪل هاءِ اسڪول جاتيءَ مان ۽ انگريزي تعليم سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪري، 1945ع ۾ سينئر ڪيمبرج فرسٽ ڪلاس ۾ سينٽ جارجز ڪاليج ميسور مان ڪئي. پاڪستان ٺهڻ سبب کيس سنڌ ڇڏڻي پئي جنهنڪري سندس ڏهه سال تعليمي سلسلو ڪٽيل رهيو ۽ ٻيهر 1955ع کان پڙهائي جو سلسلو شروع ڪيائين. انٽر آرٽس اجمير بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن مان فرسٽ ڪلاس ۾، بي. اي پوليٽيڪل سائنس ۾ به ۽ عثمانيه يونيورسٽيءَ جي شام واري ڪاليج، حيدرآباد دکن مان ڪيائين. جڏهن ته ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) ۾ به ساڳيءَ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1976ع ۾ ايل. ايل. بيءَ جو امتحان پاس ڪيائين. ان وقت نوڪريءَ ۾ هو. ان کان اڳ هن 1968ع ۾ پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما، انسٽٽيوٽ آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن نئين دهليءَ مان ڪئي. هن نوڪريءَ جي شروعات ڊپٽي ڪليڪٽر جي حيثيت سان 1960ع کان ڪئي. جلد اسپيشل آفيسر ۽ پروفيسر انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ انٽر پرائز دهلي مقرر ڪيو ويو. هن هتي ٻه اهم رپورٽون تيار ڪيون. هڪ رپورٽ ۾ هن هندستان جي اترين علائقن جي نجي صنعتن ۾ سکيا ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ ٻي اهم رپورٽ ۾ هن بندرن جي اهميت ۽ ضرورت کي بيان ڪيو. 50 ساله پراڻي انسٽٽيوٽ آف ايشين اسٽڊيز جو 2006ع کان 2008ع تائين صدر رهيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ اهو اعزاز پروفيسر احمد حسن دانيءَ کي ئي حاصل هو. هي ڀڳت گيان وياز سميٿي، آنڌرا پرديش جو ڪافي عرصو خزانچي رهيو ۽ حيدرآباد سنڌي گرو سنگت سڀا ايسوسيئيشن جو ميمبر به رهيو. هن اولهه يورپ جو ٻه دفعا دورو ڪيو ۽ ان کانسواءِ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ الهندي ملڪ جا به ڪيترا دورا ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.09.21  عيسوي

ڄيٺو منگلداس جرگياڻي، 21 سيپٽمبر 1928ع تي ٺٽي ضلعي جي جاتي شهر ۾ ڄائو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيگم فقيرياڻي
بچارام ليلارام ليڏواڻي
امام بخش شاهه فدوي
ارباب تاج محمد
ڄام ڏيسر-I
دولت شاهه امير
خانو رام ڀڳت
جلال الدين سرخ بخاري
چاڪر خان رند
اسدالله کهڙوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون